41

وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ خلاف پ پ اسيمبلي ميمبرن جي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد

قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي انهي جو جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي، جيڪو صوبي سان امتيازي سلوڪ جي برابر آهي. رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جيڪي حڪومتي اتحاد جا وڏا اتحادي آهن، هنن ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي پنهنجي تنقيد جاري رکي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ صوبي سان مبينه امتيازي سلوڪ تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي عام بحث جي دوران تقريبن سمورن پ پ پ ميمبرن هڪ جهڙيون تقريون ڪيون جنهن ۾ انهن وفاق طرفان سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين تي روشني وڌي. انهن موجب سنڌ کي ترقياتي منصوبن ۾ سندن جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ميمبر جيڪي حڪومتي اتحاد جا اهم اتحادي آهن انهن به سنڌ جي مختلف منصوبن جي لاءِ رکيل بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو. ان سان گڏ ئي انهن پ پ جي قيادت هيٺ سنڌ حڪومت کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ جو الزام لڳايو. پ پ پ جي ميمبرن بنيادي طور تي وفاقي حڪومت طرفان اهڙن منصوبن کي سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو جيڪو اڳوڻي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ(پي ڊبليو ڊي) جي ذريعي هلايون پيون وڃن. هن چيو ته اڳ ئي اهو فيصلو ٿي چڪو آهي ته پي ڊبليو ڊي جا سمورا منصوبا صوبن جي حوالي ڪيا وڃن، پر باقي ٽن صوبن جي ابتڙ اهو فيصلو سنڌ تي لاڳو نه پيو ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اهڙن منصوبن کي سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪرڻ جي وفاقي قدم جي حمايت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اسان کي امڪان آهي ته صوبائي حڪومت اهڙن منصوبن کي مڪمل نه ڪري سگهندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو