فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار ۽ توانائي سميت ايران اسرائيل تڪرار تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير وائيٽ هائوس ۾ صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي جنهن دوران آمريڪي پرڏيهي وزير سينيٽر مارڪو روبيو، وچ اوڀر واري معاملن جي آمريڪي خصوصي نمائندي اسٽيو وٽڪوف جڏهن ته پاڪستان جي قومي سلامتي جا صلاحڪار به ملاقات ۾ موجود هئا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آمريڪي صدر ۽ فيلڊ مارشل جي اعليٰ سطح جي ملاقات ڪابينه روم ۾ مانجهاندي جي موقعي تي ٿي جنهن کان پوءِ اوول آفيس جو دورو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل پاڪستان ۽ انهي جي عوام طرفان صدر ٽرمپ جو ٿورو ادا ڪيو، هن صدر ٽرمپ جي گڏيل قومن جي چيلنجز سمجهڻ جي قائدانه صلاحيتن ۽ عالمي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن جي به تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اعليٰ سطحي ملاقات ۾ واپار، معدنيات، مصنوعي ذهانيت، توانائي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ملاقات ۾ صدر ٽرمپ پاڪستان سان ڊگهي مدي واري اسٽريٽجيڪ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل واپاري ڀائيواري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ صدر ٽرمپ جي ملاقات ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته ٻنهي طرفان ايران ۽ اسرائيل تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل ۽ آمريڪي صدر جي هڪ ڪلاڪ جي شيڊول ملاقات 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهي جنهن ۾ صدر ٽرمپ مشڪل علاقائي حالتن ۾ فيلڊ مارشل عمير جي قيادت ۽ فيصله ڪندڙ ڪردار جي تعريف ڪئي جڏهن ته فيلڊ مارشل پاڪستان جي حڪومت طرفان صدر ٽرمپ کي مناسب موقعي تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اها ملاقات پاڪ آمريڪا پراڻي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ڪوششن ۾ اهم سنگ ميل آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي آمريڪي صدر چيو ته اڄ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ٽرمپ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڀارت جي خلاف جنگ روڪڻ تي ٿورو ادا ڪرڻ لاءِ گهرايو هو انهي سان ايران جي معاملي تي به ڳالهيون ٿيون آهن. ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان واپاري معاهدي تي به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن. فيلڊ مارشل عاصم منير جو ٿورو ادا ڪريون ٿا ته هو جنگ جي طرف نه ويو. آمريڪي صدر چيو ته پاڪستان، ايران کي ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو، پاڪستان اهڙي صورتحال تي خوش نه آهي.
