41

اسرائيل _ ايران جنگ: بلوچستان جي سمورن سرحدي ضلعن تي ايران سان لڳندڙ سرحد اڃا تائين بند

ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب بلوچستان جي سمورن سرحدي ضلعن مان ايران سان لڳندڙ سرحد اڃا تائين بند آهي. مقامي واپارين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن پاڪستاني اختيارين طرفان ڪاروباري مقصدن لاءِ هڪ ڏينهن لاءِ سرحد کولڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر اختيارين موجب ايران جي طرفان بندش جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو. ان صورتحال سبب بلوچستان جي پنجن سرحدي ضلعن ۽ لاڳاپيل علائقن جي ماڻهن جي روزگار ۽ آمدني تي سخت اثر پيو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو دارومدار ايران سان واپار تي آهي. سرحد بند هئڻ سبب نه رڳو ماڻهن جي پريشانين ۾ واڌ آئي آهي، پر ڪيئي هنڌن تي تيل ۽ ٻارڻ جي کوٽ پڻ پيدا ٿي وئي آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ٻڌايو ته ايران ۾ موجوده حالتن سبب سرحد بند ڪئي وئي آهي ۽ اِهو قدم ايراني اختيارين جي طرفان کنيو ويو آهي، جيڪي پاڪستاني شهري ايران مان واپس اچي رهيا آهن انهن جي آجيان ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته 14 جون کان اسرائيل طرفان ايران تي حملي کانپوءِ بلوچستان جي ايران سان لڳندڙ ضلعن چاغي، واشڪ، پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر مان ايران سان لڳندڙ سڀئي ڪراسنگ پوائنٽس بند آهن. پر چاغي جي تفتان ۽ گوادر ضلعي جي 250 نمبر پوسٽ تي ايران مان واپس ايندڙ پاڪستاني شهرين کي داخلا جي اجازت آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو