نئون ديرو: شهيد بينظير ڀٽو جي 72هين سالگره اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

 شهيد بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه اڄ نئون ديرو ۾ ملهائي پئي وڃي. ملڪ جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سالگره جي موقعي تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي ۽ سٽي نئون ديرو طرفان قرآن خواني ڪئي وئي. قرآن خواني ۾ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن اعجاز احمد لغاري، منصور سومرو، عبدالخالق ڀٽو، محمد انور ٻرڙو، سرفراز ميراڻي سميت پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قرآن خواني ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري وئي. بعد ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي ۽ فاتحه خواني ڪئي، انهي موقعي تي ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه تي خراج عقيدت پيش ڪيو. پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران سالگره جي تقريب بيگم نصرت ڀٽو هال لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي آهي جتي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو