ايراني ميڊيا موجب اسرائيل اصفهان ۾ نيو ڪليئر سائيٽ کي نشانو بنايو آهي، پر اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ڪنهن به خطرناڪ قسم جو مواد نه نڪري رهيو آهي. اصفهان جي نائب گورنر صوبي تي اسرائيلي حملن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن. صوبائي اهلڪار جو چوڻ آهي ته اصفهان تي اسرائيلي حملن ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آحي. فارس خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اهلڪار ٻڌايو ته لنجان، مبارڪه، شهريزه ۽ اصفهان جي شهرن کي نشانو بنايو ويو. اصفهان ۾ ايٽمي هنڌ کي به نشانو بنايو ويو آهي، اهلڪار موجب خطرناڪ مواد نه نڪري رهيو آهي، خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب اسرائيلي دفاع واري وزير اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ايران تي حملن ۾ قدس فورس جو سربراهه سعيد يزد مارجي ويو آهي. اسرائيلي ڪاٽز جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج ايران ۾ هڪ اپارٽمينٽ تي حملو ڪيو جنهن ۾ قدس فورس جو سربراهه مارجي ويو آهي. ٻئي طرف پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران قدس فوفرس جي سربراهه جي حوالي سان ڪابه تصديق نه ڪئي آحي. ٻئي طرف اهي رپورٽون به سامهون اچي رهيون آهن ته ايٽمي مواد جي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ انهي کي منتقل ڪيو ويو آهي.