ميرپورماٿيلو ڀرسان ڳوٺ جھانپور شريف جا رھواسي ٻہ نوجوان مبينہ ڪچو شراب واپارائيندي فوت ٿي ويا, جڏهن ته ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گھوٽڪي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جهانپور شريف جا رهواسي 2 نوجوان صفدر حسين دل، عبدالغني شيخ ڪچو شراب پيئڻ دوران فوت ٿي ويا آھن جڏھن تہ نوجوان ننڍو سميجو، اعتبار شاھ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جن جو علاج ھلندڙ آھي. اسپتال عملي پاران ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوانن جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙھ گھر پھچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو ۽ ڪھرام مچي ويو.
