ايران اسرائيل تڪرار وڌيڪ وڌيو ته ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهندو: يو اين سيڪريٽري جنرل خبردار ڪري ڇڏيو

گڏيل يومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل ايران جنگ روڪرائڻ جي لاءِ عالمي سفارتي ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، انهي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو آهي ته عالمي امن تباهي جي ڏهاڪي تي بيٺل آهي، عالمي برادري تي وڏي ذميواري آهي جيڪڏهن تڪرار وڌي ويو ته انهي تي ڪير به ڪنٽرول نه ڪري سگهندو، سمورين ڌرين کي درخواست آهي ته امن جو موقعو ڏيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته اهو نيو ڪليئر هٿيار نه ٺاهي رهيو آهي. انهي کان علاوه چيني سفير جو چوڻ هو ته چين اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو، اسرائيلي حملو عالمي قانون، ايران جي سالميت ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهن. اسرائيل جون موجوده ڪارروايون علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن. اجلاس کي خطاب ڪندي روسي سفير چيو ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي. اسرائيل ايران تڪرار ۾ گڏيل قومون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، اسرائيل ايران ۾ ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو. اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو. هن چيو ته ايران کي پنهنجا ايٽمي ارادا ختم ڪرڻ گهرجن. ايران کي ايٽمي معاهدي تي راضي ٿيڻ گهرجي ها.