اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت اسرائيل کي ڪينسر سان ڀيٽ ڏئي ڇڏي آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اتر ڪوريا اسرائيل جي ايران تي حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته وچ اوڀر جي امن لاءِ اسرائيل بيماري بڻجي چڪو آهي، خطي ۾ هڪ نئين جنگ جو خطرو وڌي رهيو آهي. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت چيو ته ايران تي اسرائيلي حملا غيرقانوني ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهن. اسان اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسرائيلي جارحيت غير مستحڪم وچ اوڀر ۾ وسيع جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي جنهن جا اثر عالمي امن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اسرائيلي حملن دوران شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت جي خلاف معاف نه ڪرڻ جهڙو ڏوهه آهي، عالمي قانون ۽ ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، جنگ جي حامين کي جواب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.