آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اعلانيل جنگبندي کان ڪجهه وقت اڳ ايران اسرائيل تي ميزائل فائر ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 9 زخمي ٿي پيا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري(اي ايف پي) موجب اسرائيلي ريسڪيو سروس ميگن ڊيوڊ ايڊم تصديق ڪئي آهي ته ڏکڻ اسرائيل جي شهر بيرشيبا ۾ ايراني ميزائل ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. جڏهن ته 2 کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. 6 ڄنن کي موقعي تي ئي طبي امداد ڏني وئي. اسرائيلي ميڊيا موجب هڪ ڪلاڪ جي دوران 5 ڀيرا ايئر سائرن وڄايا ويا ۽ ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي نشانو بنايو ويو، ميزائل حملي ۾ عمارتن کي به سخت نقصان پهتو. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب اها ڪارروائي انهي وقت ڪئي وئي جڏهن صدر ٽرمپ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مرحليوار جنگبندي جي شروعات جو اعلان ڪيو هو. ايران جنگبندي کان اڳ اسرائيل تي گهٽ ۾ گهٽ 5 ميزائل فائر ڪيا. اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، اهو واقعو جنگبندي جي امڪانن کي وڌيڪ ڏکيو بنائي سگهي ٿو.