لاڙڪاڻي ۾ وليد ٿاڻي جي حد ۾ ڦر مزاحمت دوران هٿياربند هٿان قتل ٿيل 20 ورهين جو نوجوان مزمل ڪلهوڙو جي وارثن نوجوان جو لاش شيخ زيد موڙ تي رکي انصاف لاءِ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات هٿياربند ڦورن مزمل ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، رات کان وٺي پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شهر ۾ بدامني سبب شهري، واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهون غيرمحفوظ بڻيل آهن، نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ ۽ گهرو وزير کان مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم وڃي.
