41

آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ جوهري ٿاڪن کي وڏو نقصان پهتو: اسماعيل بقائي

 ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ جوهري ٿاڪن کي سخت نقصان پهتو. صحافين طرفان ايٽمي ٿاڪن تي ٿيندڙ حملن بابت سوال تي اسماعيل بقائي چيو ته اسان جي جوهري ٿاڪن کي وڏو نقصان پهتو آهي، اها ڳالهه يقيني آهي، ڇو ته انهن تي هر هر حملا ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ کان پاسو ڪندي چيو ته اهو هڪ ٽيڪنيڪي معاملو آهي، جنهن تي ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو