پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برسات، موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، سلسلو آچر تائين جاري رهڻ جو امڪان

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ لاهور، سرگودها، بهلوال سميت مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلٿي ته ڪٿي تيز برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي خصوصي هدايتن تي واسا جو عملو الرٽ آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪرڪ شهر ۽ ڏوراهين علائقن ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو جڏهن ته بلوچستان جي اوڀرين علائقن ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪوهه سليان رينج سميت بلوچستان جي به مختلف شهرن ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. ٻئي پاسي موسميات کاتي گرمي جي ستايل ڪراچي جي رهواسين لاءِ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيف ميٽرولوجسٽ انجم نذير چيو ته ڪراچي ۾ سانوڻي جي پهرين اسپيل جي شروعات سڀاڻي شام کان ٿي سگهي، سانوڻي سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ جمعي کان آچر جي دوران برسات جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڇنڇر جي ڏينهن سڄو ڏينهن برسات پئجي سگهي ٿي جيڪا وقفي وقفي سان تيز به ٿيندي. انجم نذير جو چوڻ هو ته ڇنڇر تي تيز برسات سبب ٻوڏ جو به امڪان آهي جڏهن ته شهر ۾ آچر تي به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارتي شهر گجرات ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، هوا جو گهٽ دٻاءُ ايندڙ ڏينهن سنڌ ۾ برسات جو سبب بڻجندو برسات سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. انجم نذير موجب اڄ بدين، ٺٽو ۽ ميرپورخاص ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد وڌ کان وڌ 35 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.