پاڪستان ۾ محرم الحرام 1447 هجري جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اربع جي ڏينهن ٿيندو. اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو جڏهن ته سموري ملڪ ۾ زونل هلال ڪميٽين جا اجلاس به پنهنجي لاڳاپيل شهرن ۾ منعقد ڪيا ويندا. اسپارڪو ترجمان موجب محرم جو چنڊ 25 جون تي ٻنپهرن جو 3 لڳي 32 منٽن تي پيدا ٿي چڪو آهي ۽ 26 جون تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 26 ڪلاڪ هوندي. جنهن سبب چنڊ جي واضح رويت جا ڊگها امڪان آهن. چنڊ سج لهڻ کان پوءِ تقريبن 75 منٽن تي موجود رهندو جنهن سبب ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي ساحلي شهرن ۾ آساني سان چنڊ ڏسي سگهجي ٿو. حتمي اعلان مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اڄ شام جو ڪندي.