حيدرآباد: ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت سندس ويڳي پٽ جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 ناليواري شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس وارو معاملو، حيدرآباد جي عدالت ناليواري شاعر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار سندس ويڳي پٽ وشال لطيف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي  30 جون تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آھي، وشال لطيف کي سزا ڏيارڻ ۽ بچائڻ لاء ماء ۽ ڌيءَ عدالت ۾ آمهون سامهون ٿي ويون، آڪاش جي انصاري جي گهر واري حليما جي درخواست تي سندس ڌي ميران مخالفت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي، 30 جون تي ضمانت بابت فيصلو ٿيندو ، 12 جون تي آڪاش انصاري جي بيوه حليمه عدالت ۾ حلف نامو جمع ڪرايو هيو ته قتل ڪيس جو جوابدار سندس پٽ بيگناه آهي ، سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي ته کيس ڪوبه اعتراض نه آھي. حليمه جي درخواست جي خلاف آڪاش انصاري جي وڏي ڌيءَ ميران عدالت ۾ جوابدار جي ضمانت منطور نه ڪرڻ جي لاء درخواست جمع ڪرائي ھئي،  ميران موقف اختيار ڪيو ته وشال لطيف عدالت آڏو قتل جو اعتراف ڪري چڪو آهي ، کيس ضمانت نه پر سزا ڏيو.