ملڪ ۾ محرم الحرام 1447 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو، عاشوري جو ڏينهن آچر 6 جولاءِ تي ٿيندو

 پاڪستان ۾ محرم الحرام 1447 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو. محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس ڪوئيٽه ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سپارڪو ۽ موسميات کاتي جون اختياريون به موجود هيون. ان کانسواءِ زونل ۽ ضلعي ڪميٽين جا اجلاس لاڳاپيل هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيا. اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته محرم الحرام جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي 27 جون جمعي تي نئين هجري سال جو پهريون ڏينهن هوندو. هن ٻڌايو ته عاشوري جو ڏينهن 10 محرم الحرام 6 جولاءِ آچر تي ٿيندو.