سوات درياءَ ۾ ٻوڏ: 16 ماڻهو ٻڏي ويا، 7 ڄڻا فوت

مٿانهين علائقن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ سوات درياءَ ۾ ست ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڇهن ٻين جي ڳولا جاري آهي. ريسڪيو 1122 خيبرپختونخوا جي ڊائريڪٽر جنرل شاهه فهد موجب، سوات درياءَ جي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي وهڪري جا اطلاع مليا هئا، جنهن کانپوءِ آپريشن شروع ڪيو ويو. هاڻي تائين 7 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. شاهه فهد وڌيڪ چيو ته ريسڪيو 1122 جا 120 اهلڪار سرچ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، پاڻي جي تيز وهڪري جي باوجود امدادي ڪارروايون جاري آهن. مقامي ماڻهن موجب، ڪُل 16 ماڻهن مان 3 کي زنده بچايو ويو، 7 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 6 وڌيڪ ماڻهو گم آهن، جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو 1122 پاران ڳولا آپريشن جاري آهي. ذريعن موجب، سوات ۾ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويلن مان 10 ماڻهو هڪ ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. متاثر خاندان جو تعلق ڊسڪا، سيالڪوٽ سان آهي، جن ۾ ايشال، انفال، ميرا، آئمه، ايان، نمره ۽ شرمين شامل آهن. سيالڪوٽ ۾ متاثر خاندان مان عجوا، عبدالله ۽ روبينا، جڏهن ته ڪراچي جو معيز الله پڻ ٻڏي فوت ٿيندڙن ۾ شامل آهن. وزيراعظم ۽ صدر ٻوڏ ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ صدر فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن هدايت ڪئي ته واقعي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جلد مڪمل ڪئي وڃي.