شنگهائي سهڪاري تنظيم (ايس سي او) جي دفاعي وزيرن واري اجلاس دوران ان وقت سفارتي تڪرار ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن پاڪستاني بچاءُ واري وزير خواجه آصف جي تقرير کا پوءِ ڀارتي هم منصب راج ناٿ سنگهه ٻيهر ڳالهائڻ جي اجازت گهري پر چيني وزير سندس درخواست رد ڪري ڇڏي. اجلاس دوران خواجه آصف پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت تي تفصيلي روشني وڌي، ڪلڀوشن يادو، جعفر ايڪسپريس حملي ۽ بلوچستان ۾ ڀارتي ڪردار بابت ثبوت سڀني رڪن ملڪن جي سامهون پيش ڪيا. خواجه آصف جي خطاب کان پوءِ راج ناٿ سنگهه چيني دفاع واري وزير کان ٻيهر خطاب ڪرڻ جي اجازت گهري ته جيئن پاڪستاني الزامن جو جواب ڏئي سگهي، پر چيني وزير انڪار ڪري ڇڏيو. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ايس سي او جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ ڪشمير ۽ بلوچستان جو به ذڪر شامل هو، جنهن تي نون مان اٺن مُلڪن اتفاق ڪيو، جڏهن ته ڀارت ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بچاءُ واري وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته اجلاس دوران ڀارت جي ويڳاڻو نظر آيو ۽ پاڪستان جي موقف جي ڪيترن ئي ملڪن جي حمايت ڪئي.