بلوچستان جي ضلعي موسيٰ خيل، بارکهان ۽ ڀرپاسي ۾ 5.5 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. تفصيل موجب ضلعي موسيٰ خيل، بارکهان ۽ ڀرپاسي ۾ 5.5 شدت جو زلزلو آيو جنهن جي نتيجي ۾ 100 گهر مڪمل طور تي زخمي ٿي پيا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جي گهرائي 28 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز موسيٰ خيل کان 56 ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف هو. اختيارين موجب زلزلي سبب ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو پيو وڃي جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب زلزلي سبب موسيٰ خيل ۽ بارکهان ڪنگري ۾ 100 کان وڌيڪ گهر پٽ پئجي ويا. زلزلي سبب 5 ڄڻا زخمي جڏهن ته 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پي ڊي ايم اي ذريعن موجب موسيٰ خيل ۽ بارکهان ۾ آيل زلزلي کان پوءِ علائقي ۾ امدادي ڪم شروع ڪيو ويو. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب نقصان جي اندازي جي لاءِ ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن. وڌيڪ نقصان کان بچاءُ جي لاءِ خيما روانا ڪيا ويا آهن.