ٺڪراٺو: پنو عاقل مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل روپھر واسي نوجوان معشوق قاضي جي وارثن جو سندس بازيابي لاء احتجاجي مظاھرو نعريبازي

اسانجي نوجوان معشوق قاضي کي 4 ڏينھن اڳ پنو عاقل جي ڀٽا فروٽ فارم وٽان ھٿياربند اغوا ڪري ويا ھئا اسانجي ڪنھن سان به دشمني ناھي پوليس نوجوان جي بازيابي لاء دلاسا ڏئي پئي نوٽيس وٺي اسانجي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي وارثن جو مطالبو ٺڪراٺو(رپورٽ) چار ڏينهن اڳ پنوعاقل مان روپهر واسي نوجوان اغوا ٿيڻ خلاف سندس وارثن جو احتجاجي مظاهرو پنو عاقل مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل روپھر واسي نوجوان معشوق علي قاضي جي وارثن سندس بازيابي لا۽ مين چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن عطا محمد محمد آدم نثار احمد بابو رفيق احمد گل حسن قاضي ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته اسانجي نوجوان معشوق علي قاضي کي ھٿياربندن چار ڏينھن اڳ پنو عاقل شهر جي ڀٽا فروٽ فارم وٽان اغوا ڪري کڻي ويا آھن جنھن جو ھن مھل تائين ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي ھنن چيو ته اسانجي ڪنھن به ماڻھو سان ڪا دشمني ناھي پنوعاقل پوليس نوجوان جي بازيابي لا۽ رڳو دلاسا ڏئي رھي آھي نوجوان ھن مھل تائين بازياب نه ٿيڻ سبب سندس گهر وارا سخت پريشان آھن احتجاج ڪندڙن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوي نوجوان معشوق علي قاضي کي جلد بازياب ڪرائي وارثن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.