ڪراچي: جناح اسپتال ۾ دوائن جو بحران سامهون اچي ويو، انجيڪشن ختم ٿيڻ سان ڪيترائي آپريشن ملتوي

جناح اسپتال ۾ حياتي بچائڻ جي دوائن جو بحران سامهون اچي ويو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن. اسپتال جي ذريعن موجب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ اينڊو اسڪوپي لاءِ گهربل انجيڪشن ۽ وٽامن(ڪي) جو اسٽاڪ به ختم ٿي ويو آهي ايستائين جو اسپتال ۾ انسولين سرنجز ۽ ڪينولا تائين به  موجود نه آهي. اسپتال جي ذريعن ٻڌايو آهي ته اهم انجيڪشن ختم ٿيڻ تي ڪيترائي آپريشن ملتوي ٿي ويا آهن. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال ۾ آپريشن ملتوي نه ٿيا آهن، دوائون به موجود آهن، جڏهن ته وڌيڪ دوائن جي فراهمي نئين مالي سال جي بجيٽ کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهندي.