ڪراچي: ڪسٽمز ۽ رينجرز جي وڏي ڪارروائي، گودامن مان ڪروڙين روپين جون اسمگل ٿيل شيون هٿ

ڪسٽمز ۽ رينجرز وڏي ڪارروائي ڪندي گودامن مان ڪروڙين روپين جون پرڏيهي اسمگل ٿيل شيون هٿ ڪري ورتيون آهن ڪلڪٽريٽ آف ڪسٽمز انفورسمنٽ ڪراچي جي اينٽي اسمگلنگ آرگنائزيشن(اي ايس او) رينجرز سان گڏ گڏيل آپريشن جي دوران ڪروڙين روپين جي ماليت جون پرڏيهي اسمگل ٿيل شيون هٿ ڪري ورتيون ڪسٽم ترجمان موجب ڪسٽم اسمگلنگ کان روڪٿام واري آرگنائزيشن ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن جي دوران ٽرمينل تي قائم مختلف گودامن جي تلاشي ورتي وئي تلاشي جي دوران اسمگل ڪيل خشڪ کير، چائنيز سالٽ، پرڏيهي ڪپڙو، ٽائلز، ڪراڪري، آٽو اسپيئر پارٽس سميت ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو ترجمان ٻڌايو ته ضبط ٿيل سامان کي قانوني ڪارروائي، جانچ پڙتال ۽ حتمي قيمت لڳائڻ جي لاءِ ڪسٽم جي گودام ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ڪسٽم ايڪٽ جي تحت داخل ڪيو ويو آهي.