ڊيره اسماعيل خان ۾ خوفناڪ روڊ حادثو: ڀيڻ ڀائرن سميت هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

ڊيره اسماعيل خان ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ ڀيڻ ڀائرن سميت هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ريسڪيو 1122 موجب خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي پهاڙپور ۾ چشمه روڊ تي ڪڙي خيسور جي ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا شروعاتي ڄاڻ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حادثو ڪار ۽ هينو ٽرڪ جي وچ ۾ يپش آيو جنهن جي نتيجي ۾ سمورا ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. ريسڪيو اهلڪارن اطلاع ملندي ئي فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهچي لاشن کي گاڏي مان ڪڍي پهاڙپور اسپتال منتقل ڪيو فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ روده منير، محمد معتصم، محمد طلحه، ڊرائيور وسيم الله ۽ طفيل جي نالي سان ٿي آهي. فوت ٿي ويلن ۾ هڪ ڀيڻ ۽ 2 ڀائر به شامل هئا حادثي جي اطلاع تي خيرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڏک جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويل جي وارثن سان دلي تعزيت ڪئي. هن چيو ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.