دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلر استعيفا ڏئي ڇڏي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين عاصم پنهنجي استعيفا وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ رابطي تي ڊاڪٽر ثمرين اهڙي تصديق ڪندي چيو ته وڏي وزير ڏانهن استعيفا اماڻي ڇڏي آهي. هن چيو ته استعيفا جو سبب وقت اچڻ تي ٻڌائينديس.