دفاع واري وزير خواجه آصف پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ جي عمل کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو گذريل ڏيهن اڊياله جيل ۾ صحافين سان ڳالهين ۾ عمران خان چيو هو ته قاسم ۽ سليمان پاڪستان نه ايندا، منهنجا پٽ ڪنهن به احتجاجي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿيندا نه ئي ڪنهن احتجاجي تحريڪ جي قيادت ڪندا عمران خان جي فيصلي تي خواجه آصف رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو ڪوبه عمل سياسي يا مالي منافعي کان سواءِ نه هوندو آهي. ڪيترن ئي ڊرامن مان اهو به هڪ ڊرامو هو، مقصد والد ۽ اولاد جي ملاقات نه سياسي منافعو هو هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ انهن جا پٽ اقتدار جي حوس ۽ خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندا، قربانين جي لاءِ اولاد به ٻين جي ۽ مال به ٻين جو تاريخ ۾ انهي کان وڏي هيرا ڦيري شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي.