پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر پارٽي اڳواڻن کي عدالت مان سزائون ٻڌائڻ تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته ايوان جو بائيڪاٽ يا تحريڪ هلائڻ بابت فيصلو جلد ڪنداسين اسد قيصر، جنيد اڪبر خان، علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين سان هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ جمهوريت جي لاءِ افسوسناڪ ڏينهن آهي، اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان جي اڳواڻن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ انصاف جا دروازا به بند ڪيا ويا بيرسٽر گوهر چيو ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته جمهوريت هلي، ايوان هلي، پر ظلم، ناانصافي ۽ غير مساوي سلوڪ جي انتها ختم ٿيڻ جو نالو نه پئي وٺي، اسان جي 6 ايم اين ايز، 3 ايم پي ايز، هڪ سينيٽر، قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ ۽ سينيٽ کي سزائون ٻڌايون ويون، ايستائين جو سني اتحاد ڪونسل جي سربراهه حامد رضا ۽ زرتاج گل کي به نشانو بنايو ويو بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جي قيادت هميشه سسٽم کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي، ڌرڻو نه هنيو، ايوان ۾ رهياسين، پر انهي جي باوجود پي ٽي آءِ کي مسلسل ڀت سان لڳايو پيو وڃي. اسان چيف جسٽس کان صرف انصاف گهرو ڪجهه ٻيو نه، پر اڄ به 2023 کان داخل پٽيشنز تي فيصلا نه ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عدالتن ۾ رات 2 وڳي تائين ٽرائلز هلايا پيا وڃن پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن کي به سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته هي اهائي اليڪشن ڪميشن آهي جنهن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، پر اسان جي چونڊيل نمائندن کي مسلسل نااهل ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي سسٽم مان ڪڍيو پيو وڃي ته سوال اهو آهي ته انهي جي پٺيان ڪهڙا ماڻهو آهن؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ سسٽم ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، انتشار يا جهيڙي جي سياست تي نه، پر حالتون ايستائين اچي ويون آهن جو اسان جي پنهنجي اڳواڻ عمران خان جي سامهون اها ڳالهه رکڻي پوندي ته اسان کي ايوان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي يا ڪا تحريڪ هلائڻ گهرجي انهي جو حتمي فيصلو پارٽي قيادت تمام جلد ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته جڏهن ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته سڀني جون نظرون عدليه طرف هونديون آهن. اسان عدليه کان انصاف چاهيون ٿا، هوش کان ڪم وٺو.