“دهشتگردي کي ڀارت جي پٺڀرائي حاصل، پاڪستان امن لاءِ پرعزم: عطاءُالله تارڙ”

وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي پرڏيهي پٺڀرائي حاصل آهي، ڀارت خطي ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي اسلام آباد ۾ آءِ آر ايس جي اهتمام هيٺ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام بابت تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ جو چوڻ هو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڀارت ۾ هندوتوا نظريه امن لاءِ وڏو خطرو آهي، ڀارت ڏکڻ ايشيا جو امن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ طاقت جي توازن کي هڪ مختلف نظرئي سان ڏسڻو پوندو هن چيو ته پاڪستان هر طرح جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پهلگام واقعي جو اسان تي بي بنياد الزام لڳايو ويو، اسان دنيا کي چيو ته پهلگام واقعي تي غير جانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي، اسان سفارتي سطح تي دنيا جي سامهون پنهنجو بيانيو پيش ڪيو هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀني کان وڌيڪ شڪار ملڪ آهي، پاڪستان دهشتگردي جي مقابلي ۾ 90 هزار حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. عطاءُالله تارڙ چيو ته ڀارت پاڻي کي بطور هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي. پاڻي اسان جي بقا آهي، انهي تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطلي ناقابل قبول آهي، پاڪستان جي امن جي خواهش کي هرگز ڪمزوري نه سمجهيو وڃي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي، معرڪه حق کان پوءِ ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي ٻيهر زنده ٿي ويو، ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي.