پاڪ-آمريڪا واپاري ڊيل تي شهباز شريف جو ٽرمپ کي خصوصي شڪريو”

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سان واپاري ڊيل ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گذريل ڏينهن واشنگٽن ۾ ڪاميابي سان طئي ٿيل تاريخي واپاري ڊيل ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو شهباز شريف وڌيڪ لکيو ته اهو واپاري معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪندو ۽ انهي معاهدي سان مستقبل ۾ پاڪ آمريڪا پائيدار ڀائيواري کي وڌيڪ طاقت ملندي ٻئي طرف نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته الحمدالله! پاڪستان جي آمريڪا سان ڊيل طئي ٿي وئي آهي هوڏانهن نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزارت جي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جو چوڻ هو ته آمريڪا سان ڊيل اسان جي معيشت لاءِ وڏي خوشي جوڳي اڳڀرائي آهي. اسان جي ٽيم جون مستقل ڳالهيون ٿينديون رهيون جنهن جي نتيجي ۾ اها ڊيل سائن ٿي بلال اظهر ڪياني جو چوڻ هو ته انهي ڊيل جي نتيجي ۾ پاڪستان سان آمريڪا ويندڙ شين جي ٽيرف ۾ گهٽتائي ٿيندي، انهي ٽيرف ۾ گهٽتائي سان وڏو اثر پوندو.