شوگر مافيا حڪمرانن جي ڇپر ۾ بي لغام: بيرسٽر سيف

خيبرپختونخواهه حڪومت جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته شوگر مافيا جو تعلق حڪمران طبقي سان آهي انهي لاءِ کين ڪير به روڪڻ وارو نه آهي هن چيو ته ملڪ ۾ شوگر مافيا هينئر تائين بي لغام آهي، وفاقي حڪومت شوگر مافيا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جعلي وفاقي حڪومت عوام کي شوگر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي بيرسٽر ڊاڪٽر سيف چيو آهي ته شريف خاندان شوگر مافيا جي ذريعي عوام جي کيسن مان اربين روپين جي ڦرلٽ ڪري رهيو آهي. شوگر مافيا کي شريف خاندان جي مڪمل طور تي پٺڀرائي حاصل آهي هن چيو ته شريف خاندان جون پنهنجون شوگر ملون آهن جن کي سنڌو سنئون اربين روپين جو فائدو پهچي رهيو آهي بيرسٽر ڊاڪٽر سيف چيو ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي. جڏهن ته حڪمرانن جي اثاثن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جعلي حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ جي بجاءِ اذيت ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن.