“ڪروڙن جون ڳالهيون، پر پڪوڙن جي دڪان به نه!”

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته گورنر صاحب ڳالهيون ته وڏيون ڪن ٿا، پر حقيقت ۾ عمل جو ڪو مثال پيش نٿا ڪن سعديه جاويد چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي دور حڪومت ۾ ڪي-فور منصوبو خراب ڊيزائن سبب متاثر ٿيو، ۽ هاڻ گورنر ڪمران ٽيسوري صاحب ان وقت جون سموريون دستاويزون گورنر هائوس ۾ ئي ڳولي سگهن ٿا ترجمان وڌيڪ چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن ڪي اليڪٽرڪ کي نجي شعبي حوالي ڪيو ويو، ته ان عمل ۾ ايم ڪيو ايم سرگرم هئي. سندس مطابق، ايم ڪيو ايم جا سيڪٽر ۽ يونٽ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ سهولتون مهيا ڪندا رهيا سعديه جاويد چيو ته گورنر صحيح چيو ته ڪراچي ڪنهن وقت ڀتو خورن جو شهر هو، پر هاڻ حالتون بدلجي ويون آهن ۽ ڪراچي جا ماڻهو هاڻ سياسي شعور رکن ٿا ترجمان وڌيڪ چيو ته گورنر جي زبان تان بالآخر “ڀاءُ” جو لقب نڪتي پيو، جنهن سان ڪراچي وارا ڀتوخوريءَ جا زمانا وساري نٿا سگهن. “صاحب” سڏائڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، هن طنزيه انداز ۾ چيو آخر ۾، ترجمان جو چوڻ هو ته گورنر صاحب کي خاص ڪري آگسٽ جي مهيني ۾ لسانيت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هر ٻار کي برابر تعليم جو حق حاصل آهي.