پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارليماني پارٽي، اڳواڻ شير افضل مروت جي پارٽي ۾ واپسي بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي، جنهن دوران کيس خاص صلاحون ڏنيون ويون آهن پارٽي ذريعن موجب، پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت جي واپسي تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته ميمبرن جو چوڻ هو ته فيصلو ڪرڻ کان اڳ سندس راءِ ٻڌڻ ضروري آهي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسد قيصر ۽ شهريار آفريدي اجلاس ۾شير افضل مروت جي واپسي بابت پنهنجي راءِ ڏني، جڏهن ته نثار جٽ به سندس واپسي جي حمايت ڪئي شير افضل مروت جو چوڻ هو ته پارٽي جي اندر کان ئي بيان اچن ٿا جن جو مونکي جواب ڏيڻو پوي ٿو، جيڪڏهن اندروني طور ڪو منهنجي خلاف بيان نه ڏين ته مان به خاموش رهندس هن وڌيڪ چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته پارٽي جا پنهنجا ئي منهن تي الزام هڻن ۽ بيان جاري ڪن پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليماني پارٽي مروت کان خاموش رهڻ جي درخواست ڪئي آهي، ۽ سندس معاملو باني پي ٽي آءِ جي سامهون رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.