سينيٽ سيڪريٽريٽ اپوزيشن اڳواڻ جو عهدو خالي قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪميشن شبلي فراز کي نااهل ۽ ڊي نوٽيفاءِ ڪيو آهي، اپوزيشن اڳواڻ جو عهدو 5 آگسٽ کان خالي قرار ڏنو وڃي ٿو ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 3 ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن شبلي فراز سميت 9 پارليامينٽ ميمبرن کي 9 مئي ڪيسز ۾ سزائون ٿيڻ تي نااهل قرار ڏنو هو ۽ اليڪشن ڪميشن نااهل ٿيندڙ پارليامينٽ ميمبرن جون سيٽون خالي قرار ڏنيون هيون اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز ۽ عمر ايوب نااهل قرار ڏيڻ جي فيصلي کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو جنهن تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو هو.