وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ اقليتي برادري جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندو ۽ انهن جي مذهبي آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪندو رهندو وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته اقليتن جي ڀلائي ۽ ترقي حڪومت جي اهم ترجيحن مان هڪ آهي. هن اقليتي برادري جي قومي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن کي قومي اثاثو قرار ڏنو. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته اڄ پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا شهري ۽ مذهبي حق حاصل آهن شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع واري تاريخي تقرير جو حوالو ڏيندي چيو ته اها تقرير اقليتن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي. هن عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت اقليتن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪندي ته جيئن اهي قومي ترقي ۾ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن آخر ۾، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اقليتن جي حب الوطني ۽ ثقافتي ورثي سان لڳاءُ تي فخر آهي ۽ حڪومت کين قومي ڌارا ۾ ڀرپور شامل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.