پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني، عمران خان، پنهنجو طبي معائنو شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان جو باقاعده طبي معائنو ڪرايو وڃي. هن جي وزن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ کيس مختلف بيماريون ٿيڻ جو امڪان آهي. ان لاءِ، شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم کي هر مهيني هن جو طبي معائنو ۽ ضروري ٽيسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته طبي رپورٽون عدالت ۽ عمران خان جي خاندان سان شيئر ڪيون وڃن. هي درخواست خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ذريعي داخل ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ پنجاب جي گهرو وزارت، صوبائي حڪومت، ۽ آءِ جي جيل کي ڌر بڻايو ويو آهي.