هڪ ڪيس جي ڪيتري فيس وٺند اآهيو؟ اسپيڪر جي سوال تي لطيف کوسه جو فيس بابت حيران ڪندڙ انڪشاف

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي لطيف کوسه ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران لطيف کوسه ايوان ۾ سپريم ڪورٽ جي فيسز ۾ اضافي جو معاملو اٿاريو جنهن تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو لطيف کوسه اعتراض جي نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو، پهرين ريويو ٽڪيٽ جي فيس 5 هزار مقرر هئي هاڻ 50 هزار ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ هر قسم جي اپيلن جي ٽڪيٽن جي فيس وڌائي وئي آهي انهي موقعي تي اسپيڪر اياز صادق سوال ڪيو ته اوهان هڪ ڪيس جي ڪيتري فيس وٺندا آهيو؟ لطيف کوسه چيو ته مون کي حنيف عباسي جي خلاف ڪيس ۾ 5 ڪروڙ جي آڇ ٿي هئي پر مون سياسي شخصيت جي خلاف ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اسپيڪر لطيف کوسه کي چيو ته اوهان هڪ ڪيس جي فيس 5 ڪروڙ وٺندا آهيو ڪڏهن ڪا ماني وغيره به کارائيندا آهيو؟ جنهن تي قانوندان جواب ڏنو ته جڏهن اوهان چئو کارائي ڇڏينداسين. اسپيڪر مزاحيه انداز ۾ چيو ته ميمبرن کي چوندس ته اوهان کان ماني کائين، اجلاس کان پوءِ اوهان سان ملندس اوهان ته فيس جا وڏا پئسا وٺندا آهيو انهي موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هوڏانهن حنيف عباسي موجود آهي جنهن کي رات جي اونداهي ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي پر عدالتن بعد ۾ انهي کي بري به ڪري ڇڏيو.