ٻانڌي ۾ ڪاري ڪامڻ جا ڪلور ھڪ ئي ڳوٺ ۾ ھڪ ئي ڏينھن ڪاري ڪامڻ سبب 2 سڳا سئوٽ فوت ٿي ويا ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ دريا خان خاصخيلي ۾ ڪاري ڪامڻ بيماري سبب 2 نوجوان سڳا سئوٽ غلام فريد خاصخيلي ۽ اقبال خاصخيلي فوت ٿي ويا فوت ٿيلن جا مڙھ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ڳوٺ دريا خان خاصخيلي جي ھڪ ئي گھر مان ھڪ ئي وقت 2 نوجوان سئوٽن جا جنازا کڄڻ وقت علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ ھر اک آلي ھئي ٻئي پاسي ٻانڌي توڙي آسپاس جي علائقن ۾ ڪاري ڪامڻ وڌڻ لڳي ڪيترا ئي رھواسي ڪاري ڪامڻ جي بيماري ۾ مبتلا آھن صحت کاتي جي صوبائي وزير عذره پيچوھو جي تڪ ۾ وبائي صورت اختيار ڪندڙ ڪاري ڪامڻ تي ضابطو آڻڻ لاء صحت کاتي شھيد بينظير آباد پاران ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا آھن.