سانگھڙ ۾ سينيئر صحافي خاور حسين جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. ايس ايس پي عابد بلوچ صحافي خاور حسين جو لاش گاڏي مان مليو آهي. صحافي جي پرسرار موت واري واقعي ۾ ايس ايس پي سانگھڙ عابد علي بلوچ جي نگراني ۾ سول اسپتال سانگھڙ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جتي فنگر پرنٽس ۽ ضروري ثبوت گڏ ڪيا ويا. مرحوم جي وارثن جي پهچڻ تائين لاش کي حيدرآباد جي سردخاني منتقل ڪيو ويو آهي مرحوم صحافي خاور حسين جا والدين آمريڪا مان اڄ صبح پاڪستان لاءِ روانا ٿي رهيا آهن. جنازي ۽ تدفين جو حتمي فيصلو سندن آمد بعد ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل رات ڪراچي جي سينيئر صحافي خاور حسين جو لاش سانگھڙ حيدرآباد روڊ تي نجي هوٽل ڀرسان سندس ئي ڪار مان مليو، جنهن ۾ کيس گولي لڳل هئي. اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي سانگھڙ واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪئي. هن جو چوڻ هو ته في الحال اها ڳالهه نٿي چئي سگهجي ته موت خودڪشي سبب ٿيو يا قتل، حقيقت پوسٽ مارٽم ۽ جاچ بعد سامهون ايندي واقعي بعد ڊي آءِ جي نوابشاه جي هدايت تي جِيُو فرانزڪ ٽيم به موقع تي پهچي جاچ ڪئي. واضح رهي ته سينيئر صحافي خاور حسين ڪافي وقت کان ڪراچي ۾ صحافت ڪندو رهيو ۽ مختلف ٽي وي چينلن سان لاڳاپيل رهيو. هو اصل ۾ سانگھڙ شهر عيدگاه جو رهواسي هو. سندس اوچتي ۽ پرسرار موت تي سانگھڙ شهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي.