چين پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ جاني مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن ۽ زخمين سان گهري همدردي آهي، يقين آهي ته پاڪستاني عوام هن آفت تي ڪنٽرول ڪري جلد بحالي طرف ايندو چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چيني پرڏيهي وزير وانگ اي پنهنجي پاڪستاني هم منصب اسحاق ڊار سان تعزيت به ڪئي آهي. ترجمان موجب چيني سفارتخاني پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين جي خير خبر وٺي رهيو آهي. في الحال ٻوڏ صورتحال ۾ ڪنهن به چيني شهري جي فوت يا زخمي ٿيڻ جي اطلاع نه آهي ياد رهي ته ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 650 کان وڌي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) موجب 26 جون کان هينئر تائين برسات، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب ٿيل حادثن ۾ هينئر تائين 657 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.