ممبئي ۾ برسات: اميتاب بچن جي بنگلي سميت ڪاجول ۽ راني مکهرجي جا گهر به ٻڏي ويا، وڊيو وائرل

ممبئي: ممبئي ۾ ٿيل بدترين برساتن سبب بالي ووڊ اسٽارز جا پوش علائقن ۾ واقع گهر به پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سانوڻي جي برساتن ممبئي ۾ به تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي جڏهن ته شهر جا روڊ تلاءُ جا منظر پيش ڪري رهيا آهن،رپورٽن موجب بالي ووڊ شهنشاهه اميتاب بچن به ممبئي جي برساتن کان محفوظ نه رهي سگهيو انهي جو 200 ڪروڙ جو بنگلو به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو. مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ مبينه طور تي ٻڌايو پيو وڃي ته ممبئي جي تيز برسات کان پوءِ اميتاب بچن جي بنگلي ۾ پاڻي اچي ويو،سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ وڊيو ۾ هڪ شهري جو چوڻ آهي ته ممبئي مسلسل برساتن ۽ انهي جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي. 44 سيڪنڊز جي وائرل وڊيو ڪلب ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مذڪوره شخص ممبئي جي علائقي جوهو جي روڊن جو حال ڏيکاري رهيو آهي جتي گوڏن تائين پاڻي بيٺل آهي،انهي دوران اهو شخص جوهو ۾ واقع ميگا اسٽار جي بنگلن مان هڪ بنگلي پتيڪشا جو مين گيٽ کولي داخل ٿئي ٿو جتي برسات جو پاڻي تيزي سان داخل ٿي رهيو آهي ۽ اهو بنگلو پورو پاڻي سان ڀريل آهي. هن چيو ته چاهي اوهان وٽ ڪيترو به پئسو هجي، چاهي اوهان جي بنگلي جي قيمت هزارين ڪروڙن ۾ ڇو نه هجي، نه اميتاب، نه امباني، ممبئي جي برسات کان ڪوبه نٿو بچي سگهي،هندستان ٽائمز جي رپورٽ موجب اميتاب بچن کان علاوه راني مکهرجي، ڪاجول ۽ اجي ديوگن ۽ ڌرميندر جو گهر به برسات جي پاڻي سبب متاثر ٿيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي شهر ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران 300 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

پنھنجي راءِ لکو