اداڪاره لائيبيٰ خان جي رخصتي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي: پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ ۽ خوبصورت اداڪاره لائيبيٰ خان جي شادي جي تقريبن کانپوءِ هاڻي سندس رخصتي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي مداحن پاران گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. هن وڊيو ۾ اداڪاره کي پنهنجي گهر وارن کان رخصت ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، جتي هوءَ ڪافي جذباتي نظر اچي رهي آهي.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته لائيبيٰ خان پنهنجي شادي جي خوبصورت روايتي لباس ۾ ملبوس آهي ۽ رخصتي جي موقعي تي پنهنجي والدين ۽ گهرڀاتين سان ڳلي ملي روئي رهي آهي. شادي جي هن پروقار تقريب ۾ شوبز انڊسٽري جي نامور شخصيتن، ويجهن دوستن ۽ مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ نئين جوڙي لاءِ نيڪ تمنائون جو اظهار ڪيو.

سوشل ميڊيا واپرائيندڙن پاران اداڪاره جي هن وڊيو تي مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. مداحن پاران لائيبيٰ خان کي زندگي جي نئين سفر جي شروعات تي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ سندس مستقبل لاءِ دعائون پڻ ڪيون پيون وڃن. ياد رهي ته لائيبيٰ خان ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ سندس مداحن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي.