پاڪستان فضائيه جو ڪامياب تجربو، چين جو پي ايل 15 ميزائل استعمال ڪندي ڀارتي جهازن کي 100 ميل کان پري نشانو بڻايو

آمريڪي ميگزين بلوم برگ جي هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان فضائيه چين جي تيار ڪيل ميزائل پي ايل 15 کي استعمال ڪندي ڀارتي جنگي جهازن کي 100 ميل کان وڌيڪ فاصلي تي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن دوران پاڪستاني جهازن کي جوابي حملي جو ڪو به خطرو پيش نه آيوهي ڪامياب تجربو نه صرف خطي ۾ پر عالمي سطح تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ فضائي هٿيارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو سبب بڻيو. رپورٽ مطابق ان واقعي کان پوءِ آمريڪي فوج کي پنهنجي فضائي برتري برقرار رکڻ لاءِ نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پئيپينٽاگون جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني فضائيه 2023 ۾ پي ايل 17 کي عملي طور تي فعال ڪري ڇڏيو هو. اهو ميزائل پي ايل 15 جو جديد ورزن آهي، جيڪو 400 ڪلوميٽر (تقريبن 248 ميل) تائين پنهنجي حدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿوپاڪستان جي انهي ڪامياب آپريشن خطي ۾ فضائي طاقت جو توازن تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جي جواب ۾ آمريڪي فضائيه ۽ بحريه لاڪ هيڊ مارٽن جي ڳجهي منصوبي “اي آءِ ايم 260″ تي ڪم تيز ڪرڻ لاءِ مالي سال 2026 ۾ هڪ ارب ڊالر جي فنڊنگ جي درخواست ڪئي آهي”اي آءِ ايم 260” جنهن کي (جوائنٽ ايڊوانسڊ ٽيڪنيڪل ميزائل) پڻ چيو وڃي ٿو، خاص طور تي ايف 22 ۽ ايف 35 جهازن جي اندروني هٿيارن جي خانن لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. مستقبل ۾ ان کي ايف 16، ايف 15 ۽ ڊرون جنگي جهازن سان به جوڙڻ جو منصوبو آهيآمريڪي فضائيه موجب پاڪستان جي پي ايل 15 جي ڪامياب استعمال اهو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪي فضائي برتري کي چيلينج ڪندڙ نوان خطرا هاڻ حقيقي صورت اختيار ڪري ويا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جديد ۽ وڌيڪ مؤثر ميزائل جي ضرورت آهيدستاويزن موجب آمريڪي فضائيه ميزائل جي تياري لاءِ 368 ملين ڊالر ۽ اضافي 300 ملين ڊالر جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته بحريه 301 ملين ڊالر رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو نئون ميزائل موجوده “اي آءِ ايم 120 ايمرام” جي جاءِ وٺندو جيڪو 1993 کان استعمال هيٺ آهيرپورٽن مطابق هن منصوبي تي هينئر تائين 350 ملين ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لاڪ هيڊ مارٽن کي هن جي ترقياتي ذميواري آگسٽ 2017 ۾ ڏني وئي هئي.

پنھنجي راءِ لکو