خصوصي عدالت جو وڏو فيصلو: 59 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جون سزائون

دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت فيصل آباد ۾ 9 مئي جي واقعي بابت اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڪيس ۾ 59 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون جڏهن ته 16 جوابدارن کي 3-3 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون. ان سان گڏ 34 جوابدارن کي بري ڪيو ويو عدالت موجب مجموعي طور تي 75 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون، جيڪي سڀ غير حاضري ۾ ٻڌايون ويون پي ٽي آءِ اڳواڻن کي وڏيون سزائون عدالت طرفان جن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون، انهن ۾:عمر ايوب؛شبلي فراز.زرتاج گل،شيخ راشد شفيق.راءِ مرتضيٰ اقبال،ڪنول شوزب،ان سان گڏ اسماعيل سيلا، عنصر اقبال، بلال اعجاز، اشرف سوهنا، مهر جاويد ۽ شڪيل نيازي کي به ساڳيون سزائون ٻڌايون ويون ٻئي طرف، عدالت فواد چوڌري، زين قريشي سميت 34 جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏي ياد رهي ته فيصل آباد ۾ 9 مئي جي واقعي دوران ڀڃ ڊاهه ۽ باهين بابت 4 ڪيس داخل ٿيا هئا. انهن مان 3 ڪيسن جا فيصلا اڳ ۾ ٻڌايا ويا هئا، جڏهن ته چوٿون ڪيس راڻا ثناءُالله جي گهر تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه بابت سمن آباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت سميت 109 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو.