ايران پاران ٻوڏ متاثرين لاءِ مدد جي آڇ

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني ٽيليفون تي رابطو ڪري پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهايو ۽ متاثرين لاءِ هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. ايراني گهرو وزير طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، آزمائش جي هن وقت ۾ ايران پنهنجي ڀاءُ ملڪ سان گڏ بيٺو آهي. سڪندر مومني فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي سندن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب جيڪي تباهيون آيون آهن، انهن کي ڏسي اسان کي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. سوين ماڻهو پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا آهن ۽ هزارين خاندان متاثر ٿيا آهن. ايران پاڪستان جي عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي ۽ هر قسم جي امداد لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايراني هم منصب جي يڪجهتي ۽ مدد جي آڇ تي ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا رشتا نه رڳو پاڙيسري ملڪن جا آهن پر ٻنهي جي خوشين ۽ ڏکن ۾ به ڪا ڌار ناهي محسن نقوي وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديليون پاڪستان ۾ خوفناڪ تباهي جو منظر بڻجي رهيون آهن، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ اهڙي خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ۽ سمورا ادارا متاثرين جي مدد لاءِ فيلڊ ۾ سرگرم آهن ۽ رليف ۽ بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.