ڪنڌڪوٽ: تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڦر ٿيل سامان جي واپسي لاءِ ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس آڏو سياسي، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، ڊاڪٽرن ۽ کوسا برادري پاران امن جا اڇا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي جي اڳواڻي ڊاڪٽر عبدالعزيز کوسو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا، ظريت بجاراڻي، غلام مصطفي ميراڻي، عبيدالله ميرالي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تنگواڻي تعلقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، ڏينهون ڏينهن ڦر ۽ چوري جون وارداتون وڌي ويون آهن، جيڪي هاڻي روز جو معمول بڻيل آهن، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪو به اثرائتو آپريشن نه ڪري سگهي آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو فوري طور نوٽس وٺي ڦر ٿيل سامان خاص طور ڊاڪٽر عبدالعزيز کوسو جي ڦر ٿيل ڪار واپس ڪرائي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

بعد ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن خليل احمد لغاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.