راولپنڊي (اسٽاف رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان صحافي جي سوال تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. اڊياله جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ صحافي سوال ڪيو ته عمران خان ۽ انهن جي گهرڀاتين جو چونڊن بابت ڌار موقف آهي، ڇا اوهان پارٽي جي فيصلن سان متفق آهيو؟ عليمه خان ان سوال تي برهم ٿيندي چيو ته:
“اوھان عجيب سوال پڇيو آهي، عمران خان سان ڪنهن جي ملاقات ئي نه ٿي رهي. جيڪڏهن هو گهرڀاتين جي ذريعي موقف اماڻي ٿو ته اهو سندس پنهنجو موقف آهي. اوهان ڇو چئو ٿا ته اهو صرف گهرڀاتين جو موقف آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته: “اوهان جون اهڙيون ڳالهيون شيطانيون هونديون آهن، جيڪي اوهين ڄاڻي واڻي ڪندا آهيو. جيڪڏهن اسان اوهان سان ڳالهايون ٿا ته اوهان کي به اسان جو احترام ڪرڻ گهرجي. اوهان بي انصافي سان عمران خان ۽ سندس گهرڀاتين بابت ڳالهائي رهيا آهيو، اها شيطانيت آهي، جنهن تي مون کي سخت ڏک پهتو آهي.” عليمه خان وڌيڪ چيو ته: “اوهان ٻه سال کان اسان سان گڏ بيٺا آهيو، پر اوهان کي مجبوريءَ ۾ اهڙا سوال ڪرڻا پون ٿا. منهنجا ٻار ۽ ڀاءُ جيل ۾ آهن، اسان خلاف ڪيسز هلي رهيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ان جو خيال ڪريو. ڄاڻي واڻي شيطان وارا سوال نه ڪريو. يقين ڪريو هن وقت مون کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هاڻ منهنجو موڊ ئي ناهي، اسان اوهان سان نه ڳالهائينداسين
