پنجاب ۾ ٻوڏ: اين ڊي ايم اي موجب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل

اسلام آباد نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن مان هينئر تائين لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي موجب رڪارڊ برساتن، برفاني ڇپون پگهرجڻ ۽ وڏي پيماني تي ٻوڏ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جي خطري ڏانهن وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. هلندڙ هفتي مٿانهين سطح جي ٻوڏ جي وارننگ کان پوءِ پنجاب ۾ هاءِ الرٽ جاري آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي.سرڪاري خبرون اداري (اي پي پي) مطابق اين ڊي ايم اي جي الرٽس ۽ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ بابت وارننگ کان پوءِ متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ستلج درياءَ ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ ايمرجنسي رسپانس ٽيمن کي ميدان ۾ اتاريو ويو آهي، جڏهن ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي به هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي.


پنھنجي راءِ لکو