ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل، اعليٰ آفيسر ذميوار قرار

ڪراچي ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري وڏي واقعي جي جاچ مڪمل ٿي وئي، جنهن جي رپورٽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي جاچ رپورٽ ۾ انهي وقت جي سپرنٽينڊنٽ ارشد شاهه، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عبدالله ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار پيرزاده کي ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽنهي آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي رپورٽ موجب آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي جيل به واقعي جا ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. رپورٽ ۾ چٽو ڪيو ويو آهي ته هي واقعو صرف غفلت نه پر نظام جي مڪمل ناڪامي آهي، جيل ٽوڙڻ جو واقعو انتظامي ۽ اداري جي ناڪامي جو نتيجو آهي جاچ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملير جيل ۾ تياري، تربيت ۽ سيڪيورٽي جي سخت کوٽ هئي. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته: ملير جيل جا دروازا، ڀتيون ۽ ڪنٽرول پوائنٽس وڌيڪ مضبوط ڪيا وڃن. جيل ۾ جديد سي سي ٽي وي نظام 24 ڪلاڪ فعال رکيو وڃي. آفيسرن ۽ عملي کي ڪرائسس ريسپانس ٽريننگ لازمي ڏني وڃي.قيدين ۽ عملي لاءِ هنگامي هنڌ مختص ڪيا وڃن. حساس هنڌن تي موشن سينسر ۽ الارم سسٽم لڳايا وڃن. هٿيارن جا ڊپو ڌار قائم ڪري اينٽي رائٽ سامان ۽ ڊرونز محفوظ رکيا وڃن. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن وقت سر حفاظتي قدم کنيا وڃن ها ته اهڙو وڏو سانحو ٽلجي سگهي پيو.

پنھنجي راءِ لکو