اسنوڪر چيمپين شپ جا فاتح قومي ڪيوئسٽ اڃان تائين انعامي رقم کان محروم

اسلام آباد: اسنوڪر چيمپين شپ کٽيندڙ قومي ڪيوئسٽ محمد آصف ۽ محمد حسنين اڃان تائين اعلان ڪيل انعامي رقم کان محروم آهن، جنهن تي رانديگرن ۽ فيڊريشن طرفان شديد ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي. رپورٽ موجب، پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) طرفان محمد آصف کي ٻه عالمي ٽائٽل کٽڻ باوجود اڃان تائين انعامي رقم نه لي آهي. پاڪستان بليئرڊ اينڊ اسنوڪر ايسوسيئيشن (پي بي ايس اي) دعويٰ ڪئي آهي ته محمد آصف کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ روپين جي انعامي رقم ادا ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته نوجوان ڪيوئسٽ محمد حسنين کي انڊر 17 ورلڊ آءِ بي ايس ايف ٽائٽل لاءِ 50 لک روپين جو انعام مليڻو هو، جيڪو به نه ملي سگهيو آهي. پي بي ايس اي جي چيئرمين عالمگير شيخ جو چوڻ آهي ته پي ايس بي جي پراڻي ڪيش ايوارڊ پاليسي تحت في ٽائٽل 50 لک روپين جو انعام رکيل هو، پر جولاءِ ۾ جاري نئين پاليسي موجب انعامي رقم گهٽائي 15 لک ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته محمد آصف نومبر 2024 ۽ جولاءِ 2025 ۾ ورلڊ ٽائٽل کٽي، جيڪي نئين پاليسي کان اڳ جا هئا، تنهن هوندي به کين پراڻي پاليسي تحت رقم نه ڏني وئي. عالمگير شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته نئين پاليسي سان اسنوڪر رانديگرن سان ناانصافي ٿي آهي، جڏهن ته پاڪستان جا ڪيوئسٽ عالمي سطح تي 95 ميڊل کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪري چڪا آهن. ٻئي طرف قومي ڪيوئسٽ محمد آصف جو چوڻ هو ته هو 2012 کان وٺي 6 ڀيرا ورلڊ چيمپين شپ ۽ 5 ڀيرا ايشين چيمپين شپ کٽي چڪو آهي، پر پنجاب حڪومت کان کيس اڃان تائين هڪ روپيو به نه مليو. هن چيو ته رانديگرن کي فنانشل سپورٽ جي سخت ضرورت هوندي آهي، پر بدقسمتي سان حڪومت طرفان ڪا به مدد نه ٿي ملي. محمد آصف جو چوڻ هو ته هو ملڪ لاءِ ميڊل کٽڻ لاءِ هميشه دل سان کيڏندو رهندو، پر نوجوان رانديگرن کي حوصلا افزائي نه ٿيڻ سبب مايوسي ٿيندي آهي. “هي راند مهانگي آهي، حڪومت کي گهرجي ته سهولتون فراهم ڪري ۽ نون رانديگرن لاءِ اڪيڊميز ٺاهي، جتي مقامي ڪوچز جي مدد سان ٽيلنٽ کي اڳتي آندو وڃي.”

پنھنجي راءِ لکو