پنجاب ۾ سانوڻي برساتن سبب ستلج ۽ راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ، پي ڊي ايم اي هاءِ الرٽ جاري

نجاب ۾ سانوڻي برسات جي اٺين اسپيل دوران ستلج ۽ راوي دريائن ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ٿي وئي آهي. گنڊا سنگهه وٽ ستلج ۽ جسڙ واري هنڌ راوي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. تفصيل موجب، پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميه کي هاءِ الرٽ جاري ڪندي هيٺاهين علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي فوري طور لڏپلاڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. فيڪٽ شيٽ مطابق: ستلج درياءَ هيڊ سليمانڪي وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ ۾ تبديل ٿي مٿانهين درجي تائين پهچي وئي آهي. راوي درياءَ ۾ جسڙ واري هنڌ پاڻي جو وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ ۽ شاهدره وٽ 40 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي. پاڻي جو نيڪال هڪ لک 5 هزار 380 ڪيوسڪ تائين وڌي ويو آهي. ن کان علاوه، سنڌو درياءَ ۾ ڪالاباغ ۽ چشمه تي هيٺاهين درجي جي ٻوڏ جاري آهي، جڏهن ته تربيلا ۽ تونسه ۾ پاڻي جو وهڪرو معمولي سطح تي برقرار آهي ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا ضلعي انتظاميه کي هنگامي قدم کڻڻ، ريسڪيو ۽ ريليف ادارن کي فيلڊ ۾ متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن والدين کي خبردار ڪندي چيو ته ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ برساتي نالن، هيٺاهين علائقن ۽ دريائن جي ويجهو وڃڻ نه ڏنو وڃي. پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته خوش قسمتيءَ سان گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ برساتن سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

پنھنجي راءِ لکو