عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالرحمان سمون ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عوامي تحريڪ، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي احتجاج جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور تي پينشن واري نئين ظالماڻي پاليسي واپس وٺي ۽ پراڻي پاليسي کي بحال ڪندي حقيقي سوشيل ويلفيئر تي ٻڌل پينشن نظام لاڳو ڪري. هنن زور ڏنو ته پينشن کي هر صورت ۾ مهانگائي سان ڳنڍيو وڃي ۽ وڌندڙ مهانگائي جي حساب سان رٽائرمينٽ ۽ پينشن به وڌائي وڃي. گڏوگڏ ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ الائونسز لازمي طور ڏنا وڃن، جڏهن ته سڀني ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس، تعليم ۽ رهائش جي به ضمانت ڏني وڃي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پينشن فنڊ کي شفاف بڻائي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو وڃي ته جيئن ملازمن کي سندن جائز حق ملي سگهي. هنن حڪومت جي فيصلن کي سخت لفظن ۾ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پينشن ۾ 47 سيڪڙو ڪٽوتي سنڌ جي لکين ملازمن سان سراسر ناانصافي ۽ معاشي دهشتگردي آهي. اڳواڻن ٻڌايو ته وزيرن، مشيرن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، چيف جسٽس ۽ ٻين بااثر ڪامورن جي پينشن ۽ پگهارن ۾ لکين روپين جو واڌارو هر سال ڪيو وڃي ٿو، پر غريب ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وڌائڻ بدران گهٽائي وڃي ٿي، جيڪا زيادتي آهي. پراڻي پاليسي تحت رٽائرڊ ملازمن کي علاج، ٻارن جي تعليم ۽ گهريلو خرچ لاءِ ڪجهه سهارو ملي ويندو هو، پر نئين پاليسي سان رٽائرڊ ملازم ۽ سندن ٻچا غيرمحفوظ ٿي ويندا ۽ کين سماجي تحفظ کان محروم ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته پينشن ئي رٽائرڊ ملازمن جو آخري سهارو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ رياستي ذميواريءَ کان ڀڄڻ جي برابر آهي. عوامي تحريڪ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ۾ پينشن کي سوشل ويلفيئر پاليسي طور ڏنو وڃي ٿو، پر سنڌ حڪومت ان کي به ڪرپشن جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. سندن الزام هو ته ملازمن جي گروپ انشورنس ۽ ٻيا فنڊ حڪمران کائي وڃن ٿا، يا وري پيپلز پارٽي طرفان مقرر ڪيل ٽريزري آفيسرن کي ڳري رشوت ڏيڻ کانپوءِ ڪجهه رقم ملازمن کي ملي ٿي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار پينشن ۾ ڪٽوتيون ڪري ظلم ۽ ناحق ڪيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
