اسلام آباد ۾ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام، خودڪش بمبار ۽ سهولتڪار گرفتار

وفاقي راڄڌاني کي يوم دفاع کان اڳ بنون ڪينٽ جهڙي حملي کان بچايو ويو آهي. رپورٽ موجب وقت تي اطلاع ملڻ تي سول انٽيليجنس ايجنسي اهم سهولتڪارن ۽ هڪ خودڪش بمبار کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي هڪ حساس ٺڪاڻي کي نشانو بنائڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيا هئا. اهو حملو بنيان ڪينٽ جهڙو هوندو، جيڪو انهي گروپ ٺاهيو جنهن جي قيادت ماضي ۾ نور ولي محسود ڪندو هو. ان منصوبي جي عملي ذميواري بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله جي هڪ شخص کي ڏني وئي، جيڪو اسلام آباد جي هوٽل انڊسٽري ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ واپس پنهنجي والد (درزي) وٽ آيو هو. هاڻ هو اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي لاءِ ڪمانڊر طور ڪم ڪري رهيو هو. گرفتار ٿيل خودڪش بمبار هڪ افغان شهري آهي، جيڪو ڪابل ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ پوءِ ٽي ٽي پي سان ڳنڍجي ويو. جاچ ۾ شامل هڪ اهلڪار موجب بمبار افغانستان جي صوبي پڪتيڪا ۾ موجود “الفاروق فدائي ڪيمپ” مان تربيت حاصل ڪئي، جتي ان جو انسٽرڪٽر مخلص يار (عرف حاجي لالا) هو، جيڪو ڏکڻ وزيرستان جو رهواسي ۽ نور ولي محسود، حڪيم الله محسود جو ويجهو ساٿي آهي. ڪمانڊر ۽ بمبار ٻئي انهي ڪيمپ مان فارغ ٿيل آهن. جاچ موجب ڪمانڊر جو شروعاتي ڪم اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي حساس هنڌن جي ريڪي ڪرڻ هو. جون مهيني ۾ هو افغانستان ويو، جتي اسلام آباد جي ٽارگيٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي.

پنھنجي راءِ لکو